سنڌ

September 22, 2022 4:16 pm

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل، شهرين جو احتجاج

سنڌ صوبي جي ضلعي دادو جي شهر خيرپور ناٿن شاهه مان ٻوڏ جو پاڻي نه نڪري سگهيو، جنهن تي شهرين سراپا احتجاج بڻيل آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو تعلقي هيڊڪوارٽر جوهي سان زميني رابطو اڃا تائين ڪٽيل آهي.

بن سعيد آباد جو تعلق به تعلقي هيڊ ڪوارٽر سيوھڻ کان ڪٽيل آهي.

سيپڪو ذريعن موجب خيرپور ناٿن شاهه، فريد آباد ۽ بن سعيد آباد ۾ گرڊ اسٽيشن پاڻي هيٺ اچڻ سبب بجلي بند آهي.

خيرپور ناٿن شاهه جي ڪجهه علائقن مان پاڻي گهٽجڻ بعد شهري واپس اچي رهيا آهن.

وڌيڪ پڙهو: