سنڌ

September 22, 2022 3:23 pm

اڌ ٻوڏ متاثرن کي به خيما فراهم ناهيون ڪري سگهيا, مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڌ ٻوڏ متاثرن کي به خيما فراهم ناهيون ڪري سگهيا،

ماڻهو چون ٿا ٻاهرين ملڪ مان امداد اچي ٿي پر سمورن ملڪن جي امداد کي گڏائي اسان کي رڳو 10 هزار خيما مليا آهن، 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، رڳو ساڍا 4 لک خيمن جو بندوبست ڪري چڪا آهيون،

رتوديرو جي برسات متاثر علائقن جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته رائيٽ بينڪ جو سمورو تَر سيوهڻ تائين درياهه نظر اچي ٿو،

هن پاڻي کي منڇر ڍنڍ ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪنداسين، ٻيو ڪو رستو ناهي،

منهنجو اندازو آهي ته ٻن مهينن اندر 75 سيڪڙو برساتي پاڻي نيڪال ڪري وٺنداسين،

سم نالا برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ناهن ٺاهيا،

ايف پي بچاءُ بند ۽ شهدادڪوٽ ڊرين کي لڳل گهارا ٻڌا ويندا،

وڏي وزير مراد علي شاهه ميرو خان ويجهو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن کان مسئلا معلوم ڪيا…

وڌيڪ پڙهو: