بين الاقوامي

دنيا

September 22, 2022 2:32 pm

سعودي عرب جي ثالثي کانپوءِ روس 10 پرڏيهين کي آزاد ڪري ڇڏيو

سعودي عرب جي ثالثي کانپوءِ روس يوڪرين ۾ حراست ۾ ورتل 10 پرڏيهين کي آزاد ڪري ڇڏيو.

سعودي پرڏيهي وزارت موجب پرڏيهين کي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ثالثي تي آزاد ڪيو ويو.

ذريعن موجب آزاد ڪيل پرڏيهين ۾ آمريڪا، برطانيا، سويڊن، مراکش ۽ ڪروشيا جا شهري شامل آهن.

آزاد ٿيل پرڏيهين کي روس کان سعودي عرب پهچايو ويندو جتان هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيندا.

وڌيڪ پڙهو: