پاڪستان

September 22, 2022 2:29 pm

خان صاحب کي تيار رهڻو پوندو, گهرو وزير راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عمران خان تيار ٿي وڃي، اسان مڪمل تيار آهيون.

پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جهڙي شخص سان ڳالهائڻ ممڪن ناهي، ريڊ زون کي احتياطي طور سيل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته هو اڄ ريڊ زون جو افتتاح ڪري رهيا آهن، جڏهن خان صاحب اچڻ جو ارادو ڏيکاريندو ته ان کي ٻيهر سيل ڪندا.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته آنسو گيس جا شيل فائر ڪرڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا، ڊرون جي استعمال تي به غور ڪيو ويندو.

هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هنن صوبن کان پوليس فورس طلب ڪئي آهي، جيڪڏهن صوبا پوليس فورس موڪلڻ کان انڪار ڪن ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: