پاڙيسري ملڪ ايران ۾ پوليس جي حراست ۾ ڇوڪري جي موت کانپوءِ شروع ٿيندڙ احتجاج ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مارجي ويلن ۾ 16 ورهين جو نوجوان به شامل آهي جيڪو مظاهري دوران سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
احتجاج هن وقت راڄڌاني تهران سميت 20 کان وڌيڪ شهرن ۾ پکڙجي چڪو آهي.
واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرين احتجاجي ريليون ڪڍي رهيا آهن، جنهن دوران مختلف روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو پيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل هفتي پوليس 22 ورهين جي مهسا اميني کي تهران ۾ حجاب نه پائڻ تي حراست ۾ ورتو هو، حراست دوران ڇوڪري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.