پاڪستان

September 22, 2022 2:02 pm

وزيراعظم آمريڪي صدر جو ٿورو ڇو ادا ڪيو؟

وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا.

وزيراعظم ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته ٻوڏ متاثرن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ ۽ جواب جي اپيل ڪرڻ تي آمريڪي صدر جو بائيڊن جو شڪريو ادا ڪيو. ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارن کي سندن آواز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته پاڪستان ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77هين اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو هو ته پاڪستان جو وڏو حصو ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو آهي. پاڪستان کي هن وقت دنيا جي مدد جي ضرورت آهي.

وڌيڪ پڙهو: