پاڪستان

September 22, 2022 1:59 pm

عمران خان جو پيارو ڪير آهي؟ شيرين مزاري ٻڌايو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته اسان جي اسيمبليءَ ۾ تمام گهٽ اڪثريت هئي، اسان جو جبري گمشدگي وارو بل اسيمبليءَ مان پاس ٿيو پر سينيٽ ۾ ڦاسي پيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قوم جو پيارو آهي.

هن چيو ته اسان ڪنهن تي غداري جو ڪيس نه هلايو، جن صحافين کي گرفتار ڪيو ويو انهن کي فوري طور خان صاحب آزاد ڪيو.

شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته اسان وٽ تبديلي لاءِ اڪثريت نه هئي، جنهن طرح عوام خان صاحب سان گڏ بيٺو آهي، ڇا ٻه ٽي سوئيپ اليڪشن کٽي سگهندا؟

 

وڌيڪ پڙهو: