پاڪستان

September 21, 2022 6:10 pm

شيخ رشيد ڪابينا ميمبرن جي انگ خلاف عدالت پهچي ويو

اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد اتحادي حڪومت جي ڪابينا ميمبرن جي انگ خلاف عدالت ۾ ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي انگ ۾ واڌ خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جي 72 رڪني ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق 1 جي ڀڃڪڙي آهي.

شيخ رشيد درخواست ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته معاملي جي هنگامي بنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ استدعا ڪئي ته درخواست جي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تي ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙهو: