اهم خبرون

پاڪستان

September 21, 2022 6:08 pm

وزيراعظم گڏيل قومن جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن اڄ اهم اجلاس ڪندو

آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيووا گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي ٻئي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندي.

ان کان علاوه گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي وزيراعظم ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ڊيوڊ مالپاس سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي بحث ۾ شرڪت ڪندو.

ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۾ سيلاب آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم اجلاس جي صدارت پڻ ڪندو. شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي صدر صبا ڪروسي سان ملاقات ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف يورپي يونين جي صدر ارسلا وانڊر لين سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 27 اڳواڻن جي بند ڪمري واري اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. اجلاس مصر پاران ترتيب ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سان ملاقات ڪري ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. شهباز شريف آمريڪي صدر جي سڏايل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: