پاڪستان

September 21, 2022 5:49 pm

پاڪستان کي وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي: ڊيرڪ شولي

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي قونصل ڊيرڪ شول جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي درخواست کان وڌيڪ امداد جي ضرورت پوندي.

واشنگٽن ۾ ”جيو نيوز“ سان ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصل ڊيرڪ شول چيو ته اميد آهي ته عالمي برادري مدد لاءِ اڳتي ايندي.

سندس چوڻ آهي ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي معيشت کي نقصان ۽ امداد جو اندازو لڳائيندو.

آمريڪي قونصلر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي سبب بحران ڊگهو ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان جي متاثر علائقن ۾ پاڻي سڪي وڃڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي.

ڊيرڪ شول وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان کي هن وقت تائين 55 ملين ڊالر امداد ڏئي چڪو آهي، پاڪستان کي ان کان وڌيڪ امداد جي ضرورت پوندي.

آمريڪي قونصلر جو اهو به چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهيون خوش آئند آهن.

وڌيڪ پڙهو: