سنڌ

September 21, 2022 5:46 pm

انجلينا جولي وڌيڪ ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ جا امڪان

انجلينا جولي وڌيڪ ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ جو امڪان آهي
هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير اينجلينا جولي جي پاڪستان ۾ وڌيڪ ٻه ڏينهن رهڻ جو امڪان آهي.

گڏيل قومن جو خاص نمائندو ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انجلينا جولي وڌيڪ ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهي سگهي ٿي.

پاڪستان پهچڻ تي اداڪارا پهريون ڀيرو سنڌ صوبي جي شهر دادو پهتي ۽ اتي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو.

اينجل نجولي جي هن دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.

واضح رهي ته اداڪارا آخري ڀيرو 2010 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو، ان وقت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو هو.

وڌيڪ پڙهو: