سنڌ

September 21, 2022 5:44 pm

روسي جهاز ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڪراچي پهچي ويو

روسي جهاز پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي.

روس پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 ملين روبل کان وڌيڪ جي امداد موڪلي ڇڏي آهي.

روس جي سول ڊفينس ۽ ايمرجنسي واري وزارت طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلي وئي آهي.

روس کان ڪراچي پهچندڙ امداد ۾ 5 ميٽرڪ ٽن چانور ۽ 5 ميٽرڪ ٽن سورج مکي جو تيل شامل آهي.

روسي امداد ۾ باڪس ٿيل کير، گوشت، خيما ۽ پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ 56 فلٽر شامل آهن.

ڪراچي ۾ روسي قونصل جنرل اينڊري وڪٽورووچ امداد پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪئي.

ان موقعي تي روسي قونصل دميتري ۽ ٻيا عملدار به ايئرپورٽ تي موجود هئا.

وڌيڪ پڙهو: