پاڪستان

September 21, 2022 5:39 pm

حڪومت مان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ئي عوام جي بهتري آهي: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي ايم حڪومت عوام جي زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي مفاد ۽ عوام جي بهتري ۾ آهي ته جلد کان جلد حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. .

عمران خان لاهور ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ هائوس پهتو، جتي سينيئر صوبائي وزير ميان اسلم اقبال سندس استقبال ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي قيادت جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي صدر ياسمين راشد، حماد اظهر، اعجاز شاهه ۽ مختلف ضلعن جي عهديدارن به شرڪت ڪئي.

سينيئر صوبائي وزير ميان اسلم اقبال پنجاب جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي سرگرمين ۽ سياسي چئلينجن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

عمران خان چيو ته پنجاب جي قيادت ۽ پارٽي کي هر سياسي چئلينج لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: