قومي احتساب بيورو (نيب) اداري بابت نئون قانون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب بابت نئين قانون تي عمل ڪيو ويندو.
نيب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رڳو 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ڪرپشن جا ڪيس اٿاريا ويندا، فراڊ ڪيسن ۾ متاثرن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 100 هوندو ته ڪيس اٿاريو ويندو.
نيب پڌرائي موجب احتساب عدالتن مان واپس موڪليا ويا ڪيس سيشن عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ ماڻهن کي ريفرنس قانون موجب ڪارروائي لاءِ واپس موڪليو ويندو.