پاڪستان

September 21, 2022 5:06 pm

اسحاق ڊار هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وڪيل قاضي مصباح

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي وڪيل قاضي مصباح چيو آهي ته منهنجو موکل هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ وڪيل قاضي مصباح اسحاق ڊار جي گرفتاري خلاف درخواست داخل ڪئي.

اسحاق ڊار جي وڪيل درخواست ۾ چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي ناڻي واري وزير جا گرفتاري وارنٽ واپس وٺي، منهنجو موکل هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هن درخواست ۾ استدعا ڪئي ته اسحاق ڊار کي پاڪستان واپسي تي گرفتار نه ڪيو وڃي.

اسحاق ڊار جي وڪيل قاضي مصباح جي درخواست تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: