بين الاقوامي

دنيا

September 21, 2022 4:20 pm

روس وٽ اولهه کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترائي هٿيار آهن: پوتن

روسي صدر ولاديمير پيوٽن اولهه کي خبردار ڪيو آهي ته روس وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترائي هٿيار آهن ۽ اهو ڪوڙ ناهي.

پوتن ٽيليويزن خطاب دوران روسي فوجن جي جزوي متحرڪ ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته روس پنهنجي عوام جي حفاظت لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندو.

سندس چوڻ آهي ته اولهه روس خلاف جارحيت ۾ هر حد کان ٻاهر نڪري ويو آهي، اولهه روس خلاف ايٽمي بليڪ ميل ۾ ملوث آهي.

روسي صدر پيوٽن اولهه تي تنقيد ڪندي چيو ته اولهه يوڪرين جي عوام کي شيلنگ لاءِ ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي، روس جو مقصد ڊونباس کي آزاد ڪرائڻ آهي.

هن اهو به چيو ته اولهه يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ امن نٿو چاهي ۽ روس يوڪرين جي علحدگي پسند علائقن جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي.

روسي فوجن کي جزوي طور متحرڪ ڪرڻ جي پوتن جي اعلان جي حوالي سان روسي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته روس 300,000 ريزرو فورسز کي متحرڪ ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: