پاڪستان

September 21, 2022 4:17 pm

پشاور ۾ کڌڙن فقيرن تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار

پشاور ۾ کڌڙن فقيرن تي فائرنگ ۾ ملوث هڪ جوابدار اعجاز کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدارن ٻين ساٿين سان گڏجي 11 سيپٽمبر تي خواجہ سرا تي فائرنگ ڪئي هئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

پهاڙي پوليس ٿاڻي ۾ خواجہ سرا تي فائرنگ جو ڪيس زخمي ڊولفن ايان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.

پوليس فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، جنهن بعد اڄ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، سندس ٻين ساٿين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: