اهم خبرون

پاڪستان

September 21, 2022 3:45 pm

نيب احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال خلاف نيب طرفان داخل نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ پوليٽيڪل انجنيئرنگ بابت فيصلو جاري ڪيو، ڇا هي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو بهترين ڪيس ناهي؟

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي نيب آرڊيننس ۾ ائين ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟

عدالت احسن اقبال خلاف نيب جو ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته احد چيما کي بري ڪيو ويو آهي؟ 3 سال توهان کيس گرفتار ڪيو، احد چيما بهترين آفيسر هو،

ان سڀ جو ذميوار ڪير آهي؟ شهرين جي ڀلائي لاءِ پراجيڪٽ روڪيو، توهان نقصان پهچايو يا مارشل لا لڳائي، توهان احسن اقبال کي پڪڙيو.

وڌيڪ پڙهو: