بين الاقوامي

دنيا

September 21, 2022 3:37 pm

ترڪ صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي ملاقات

ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ اسرائيلي وزيراعظم يائر ليپڊ وچ ۾ نيويارڪ ۾ ملاقات ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻنهي عالمي اڳواڻن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي.

اسرائيلي وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل تفصيل موجب ان موقعي تي يائر لپڊ گم ٿيل اسرائيلين ۽ انهن جي واپسي جو معاملو اٿاريو ۽ ايران بابت پنهنجي خدشن جو به اظهار ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

نيوز ايجنسي موجب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا فلسطين جي معاملي تي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا.

هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم سان ترڪ صدر جي اها پهرين ملاقات هئي.

ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: