ايران ۾ پوليس حراست ۾ ڇوڪري جي موت خلاف احتجاج 15 شهرن ۾ پکڙجي ويو آهي. مختلف واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ 3 مظاهرين مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب تهران، مشهد، تبريز ۽ شيراز سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. ان دوران مختلف رستن کي بلاڪ پڻ ڪيو ويو.
پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا. شيراز ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ 4 زخمي ٿي پيا،
جڏهن ته ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي خلاف جاري احتجاج ۾ هينئر تائين 3 مظاهرين مارجي ويا آهن.
ٻئي طرف ايران جي سپريم ليڊر خامنه اي جي نمائندي مقتول جي خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته سمورا ادارا متاثرن جي حقن جي حفاظت لاءِ قدم کڻندا.
ياد رهي ته گذريل هفتي تهران ۾ پوليس 22 ورهين جي ڇوڪري مهسا اميني کي اسڪرف نه پائڻ تي حراست ۾ ورتو هو،
حراست دوران ڇوڪري دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.