پاڪستان

September 21, 2022 3:10 pm

تحريڪ انصاف جو امڪاني احتجاج آئيني حق آهي:راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي لاءِ جيڪو صوبو لانگ مارچ کي سپورٽ ڪندو، ان خلاف ڪارروائي جو اختيار آئين وفاقي حڪومت کي ڏئي ٿو.

تحريڪ انصاف جي امڪاني  احتجاج تي ردعمل ڏيندي  وفاقي گهرو وزير چيو ته احتجاج پي ٽي آءِ جو آئيني حق آهي،

پر اها سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل جاءِ تي احتجاج ڪن ته انهن کي سيڪورٽي فراهم ڪنداسين، پر جيڪڏهن هو ڊي چوڪ طرف ايندا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت صوبن جي حوالي سان موقف اختيار ڪيو  ته رياست جي گادي تي چڙهائي لاءِ ،جيڪو صوبو  لانگ مارچ جي حمايت ڪندو،

ان خلاف ڪارروائي جو اختيار  آئين ، وفاق کي ڏئي ٿو،هي معاملو ،وفاقي ڪابينا ۽ وزير اعظم اڳيان کنيو ويندو.

هن چيو ته  عمران خان جهڙو مورک ۽ چرئي  شخص سان ڪوبه ڳالهيون نه ڪندو.جن ان جي حمايت ڪئي هئي، اهي به ڪنن کي هٿ هڻي رهيا آهن،هاڻ ان شخص کان ڪوبه محفوظ ناهي.

وڌيڪ پڙهو: