اهم خبرون

سنڌ

September 21, 2022 3:05 pm

ڌاڙيل سلطو شر ساٿي سميت مارجي ويو

گهوٽڪي ضلعي ۾ وڏي عرصي تائين دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل سلطو شر ساٿي سميت مارجي ويو،

گهوٽڪي پوليس پاران راونتي جي ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران سلطو شر کي مارڻ جي دعويٰ،

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو آهي ته گهوٽڪي پوليس کي سلطو شر جي موجودگي جو اطلاع مليو، جنهن دوران پوليس پهتي ته مقابلي

دوران سلطو شر ساٿي سميت مارجي ويو ۽ سندس  4 ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڌاڙيل ۽ سندس ساٿي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،

سلطو شر  20 سالن کان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ آزار بڻيل هو، پوليس جا آپريشن انٽيليجنس بنياد تي هوندا آهن، جيڪي جاري رهندا .

وڌيڪ پڙهو: