شوبز

August 17, 2022 1:02 pm

ڪاميڊين راجو شريواستو جي صحت بهتر ٿيڻ لڳي

ڀارت جي مشهور ڪاميڊين راجو سريواستو جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي.

مشهور اسٽينڊ اپ ڪاميڊين نين سوني جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته راجو شريواستو جي صحت ۾ بتدريج بهتري اچي رهي آهي،

دوائون راجو تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هو هاڻي پنهنجي جسم کي پنهنجي مرضيءَ سان هلڻ جي قابل آهي.

نين سوني جو چوڻ آهي ته راجو شريواستو اڃا تائين آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته راجو کي هوش ۾ اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳندو،

اسان راجو جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب راجو جي گهرڀاتين يا ويجهن دوستن کي اڃا تائين اسپتال انتظاميا طرفان کيس ڪنهن به قسم جي انفيڪشن کان بچائڻ لاءِ ساڻس ملڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.

واضح رهي ته هلندڙ مهيني 10 آگسٽ تي مشهور ڪاميڊين کي جم ۾ ورزش دوران سيني ۾ درد سبب دهلي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: