اهم خبرون

سنڌ

August 7, 2022 5:13 pm

سنڌ ۾ ۹ کان ۱۳ آگسٽ تائين برسات جا امڪان

ڪراچي: مون سون جون هوائون مسلسل سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن،

جنهن سبب سنڌ ۾ 9 آگسٽ ۽ بلوچستان ۾ 10 آگسٽ کان تازين برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب مون سون جون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن پر 9 آگسٽ کان مون سون جون هوائون تيز ٿي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي موجب 9 آگسٽ کان 13 آگسٽ تائين ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ،

بدين ۽ جيڪب آباد سميت ٻين هنڌن تي ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.

ذريعن موجب 10 آگسٽ کان بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي،

جڏهن ته خضدار، لسبيلا، حب ۽ کير ٿر ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. ان کان علاوه 10 کان 13 آگسٽ دوران سمنڊ ۾ سخت ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي.

وڌيڪ پڙهو: