اهم خبرون

سنڌ

August 6, 2022 10:11 pm

ڪراچي: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، صدر بم ڌماڪي ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) حب ريور روڊ تي ڪارروائي ڪندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس اختيارين موجب گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ شيراز جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ بم ڌماڪي ۾ ملوث هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته هلندڙ سال 12 مئي تي ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو هو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا،

ڌماڪي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون پڻ تباهه ٿي ويون هيون.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪوسٽ گارڊز جي گاڏي جي ويجهو ٿيو، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ پڻ ڏٺو ويو

ته ڪوسٽ گارڊز جي گاڏي پهچندي ئي ڌماڪو ٿيو.

وڌيڪ پڙهو: