شوبز

February 10, 2023 6:57 pm

امجد اسلام امجد جي وفات تي انور مقصود ڇا چيو؟

سينيئر ۽ افسانوي شاعر، ليکڪ، ميزبان انور مقصود چيو آهي ته امجد سندس وفات کانپوءِ به ساراهه جوڳو آهي، اهڙن ماڻهن کي غمگين نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي سدائين زنده رهندا آهن.

مشهور شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار امجد اسلام امجد اڄ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

امجد اسلام امجد ۽ انور مقصود 50 سال ٽي وي تي گڏ هئا، ٻنهي جي گهري دوستي به هئي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي انور مقصود چيو ته امجد اسلام امجد هميشه ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اچي ملڪي صورتحال تي ڳالهايو.

انور مقصود وڌيڪ چيو ته جڏهن ملڪ جون حالتون اهڙيون هجن ته سڀ کان پهريان پڙهيل لکيل ماڻهو ئي ٻاهر نڪرندا آهن.

هن چيو ته امجد اسلام امجد تمام سٺو مزاح نگار هو ۽ هو تمام نفيس انسان هو.

وڌيڪ پڙهو: