اينٽي انڪروچمنٽ پوليس پاران ڪي ڊي اي آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد ۾ ٻه ملازم زخمي ٿي پيا،
ڊي جي، ڪي ڊي اي، پوليس خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿيڻ تائين ڪم بند رکڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.
اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ڪي ڊي اي آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي، آفيسرن ۽ ملازمن تي تشدد ۾ ڪي ڊي اي جا ٻه ملازم شهزاد ۽ شڪيل زخمي ٿي پيا.
ڊي جي، ڪي ڊي اي جو چوڻ آهي ته انڪروچمنٽ پوليس بنا ڪنھن سبب جي آفيس تي حملو ڪري شھزاد ۽ شڪيل کي زخمي ڪيو،
ڊائريڪٽر انڪروچمنٽ فورس کي شڪايت ڪئي آهي، قانوني ڪاروائي نه ٿيڻ تائين ڪي ڊي اي جو ڪم بند رکيو ويندو.