بلوچستان جي ڪوهلو واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، 2 آفيسر شهيد، 3 سپاهي زخمي،
آءِ ايس پي آر موجب ڪوهلو ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران فورسز جي گاڏي جَي ڀرسان آءِ ڊي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جو ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير شهادت ماڻي،
ڌماڪي ۾ سپاهي برڪت، ظفر الله ۽ هدايت الله زخمي ٿي پيا،
دشمن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون امن امان خراب نه ٿيون ڪري سگهن، دهشتگردن ۽ امن دشمنن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رهنديون.