اهم خبرون

پاڪستان

March 8, 2023 7:05 pm

پشاور ۾ ماچس ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا

پشاور ۾ ماچس ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب حيات آباد ۾ ماچس ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ ڌماڪو ٿيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ فيڪٽري جي ڇت کي نقصان پهتو.

ريسڪيو عملدارن موجب انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ پراڻي ماچس فيڪٽري جي صفائي دوران ڌماڪو ٿيو ۽ ڇت ڪري پئي.

اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻن لاشن کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: