عمرڪوٽ ۾ جوابدارن پاران گهر ۾ داخل ٿي نينگري سان مبينا زيادتي،
رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا، وارث ٿاڻي تي پهچي ويا، پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏئي ڇڏيو،
ڳوٺ ٽيٻڙي ۾ جوابدارن 14 ورهين جي نينگري کي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو،
نينگري جي والد سونو ڪولهي چيو آهي ته جوابدار گينو گهر ۾ داخل ٿي نينگري سان زيادتي ڪئي،
پوليس موجب، ميڊيڪل بعد وارثن جي فرياد تي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪنداسين.