اهم خبرون

سنڌ

March 12, 2023 12:42 pm

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2020 جي امتحاني نتيجن ۾ جعلسازي جو الزام، 6 آفيسر معطل

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2020 جي امتحاني نتيجن ۾ جعلسازي جو الزامن جي انڪوائري رپورٽ مڪمل انڪوائري ڪميٽي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي ۽ ٻن اڳوڻن ڪنٽرولرز سميت 6 آفيسرن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ حڪومت انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن کانپوءِ جعلسازي ۾ ملوث سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن کي معطل ڪندي انهن خلاف نوڪري مان برطرفي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

20 گريڊ جي سيڪريٽري نور محمد ڪلهوڙو ۽ شوڪت اڄڻ سميت 4 آفيسر معطل انڪوائري ڪميٽي پنهنجي رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين نور محمد جادماڻي خلاف ڪارروائي لاءِ وڏي وزير سنڌ جي قانون واري کاتي کان راءِ طلب ڪري ورتي.

نور محمد جادماڻي سرڪاري آفيسر نه هجڻ سبب ان خلاف سروسز رولز تحت ڪارروائي نٿي ٿي سگهي ان خلاف ڪهڙو ايڪشن ڪجي قانون کاتو ان حوالي سان پنهنجي راءِ ڏي.

چيف سيڪريٽري طرفان اڳوڻي ڪنٽرول ۽ 20 گريڊ سيڪريٽري نور محمد ڪلهوڙي سميت ٻين خلاف ڪارروائي شروع ڪندي شوڪاز نوٽيس ۽ چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي.

اڳوڻي ڪنٽرول شوڪت علي اڄڻ، اسسٽنٽ ڪنٽرول نور محمد درس، سپريڊنٽ ايگزامينيشن ٽو محمد يوسف، فاروق نور سپريڊنٽ سيڪريٽ برانچ سميت ٻين کي شوڪاز نوٽيس جاري

وڌيڪ پڙهو: