اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) چيئرمين آفتاب سلطان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي . قومي احتساب بيورو ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.
نيب چيئرمين آفتاب سلطان وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو ته هو اهڙي ماحول ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن.
خبر موجب آفتاب سلطان ڪنهن جي خواهش تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هو نه چاهيندو هو ته هو اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال جو ڪردار ادا ڪري.
ذريعن موجب آفتاب سلطان تي ڪجهه گرفتارين لاءِ دٻاءُ هو پر هن گرفتاري کان انڪار ڪري ڇڏيو.