پاڪستان

February 20, 2023 11:21 am

افغان سرڪار طورخم سرحد کي بند ڪري ڇڏيو, واپاري سرگرميون معطل

افغان سرڪار طورخم سرحد کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب واپاري سرگرميون معطل ٿي ويون آهن، سيڪيورٽي ذريعن موجب، افغان فورسز  شهري کي افغانستان واپس موڪلڻ تي سرحد کي بند ڪيو آهي.

افغانستان سرڪار طورخم سرحد هر قسم جي آمد رفت لاءِ بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب واپاري سرگرميون معطل آهن.

سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته افغان مريض سان گڏ سفري دستاويز نه هئا.

سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته بنا دستاويزن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهري کي واپس موڪليو ويو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته افغاني شهري کي واپس موڪلڻ بعد افغان فورسز مڇرجي وئي ۽ احتجاجن سرحد کي بند ڪيو ويو.

ٻئي طرف افغان فورسز طرفان فائرنگ ڪئي وئي،پاڪ فوج  به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي.

 

وڌيڪ پڙهو: