اهم خبرون

پاڪستان

March 14, 2023 6:35 pm

فرح گوگي جو اشتهاري بيان، انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري پاڪستان آڻڻ جو فيصلو

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي دوست فرح گوگي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالتي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته فرحت شهزئي کي 30 ڏينهن اندر گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب فرح گوگي پنهنجي خلاف جاري جاچ کان بچڻ لاءِ اڳ ئي ملڪ مان فرار ٿي چڪي آهي، ايف آءِ اي کي سندس خلاف مني لانڊرنگ جا ناقابل ترديد ثبوت مليا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح گوگي ڪرپشن، رشوت، غير قانوني سياسي اثر رسوخ ۽ دٻاءُ ذريعي اربين رپيا ڪمايا، مني لانڊرنگ ذريعي اثاثا ٺاهيا.

ايف آءِ اي ذريعن موجب جاچ دوران فرح گوگي جي نالي تي اربين رپين جا بئنڪ اڪائونٽ مليا آهن ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته فرح گوگي کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: