عورت مارچ ۾ تڪراري پلي ڪارڊ آندا ويا ته ڪارروائي ڪئي ويندي،
لاهور هاءِ ڪورٽ عورت مارچ جي اجازت ڏيڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت لاهور جي مال روڊ تي ريلي ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي،
عدالتي فيصلي موجب مارچ جي انتظاميا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ڪا تڪراري تصوير يا لکت جاري ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي،
عورت مارچ ۾ ڪا تڪراري شخصيت اچي ته ان کي نيڪالي ڏيڻ جي ذميوار به انتظاميه هوندي.