اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل نه ڪرڻ تي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت شريڪ جوابدار عظميٰ عادل جا به ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.