بين الاقوامي

دنيا

March 7, 2023 8:38 pm

سعودي عرب ۾ شدت پسند تنظيم جي ميمبر جو سر قلم ڪري ڇڏيو

سعودي عرب جي گهرو وزارت چيو آهي ته شدت پسند تنظيم جي ميمبر حيدر بن ناصر جو سر قلم ڪيو ويو آهي.

رياض کان عرب ميڊيا موجب گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار حيدر بن ناصر التحيفه کي 2017ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

عرب ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار تي دهشتگرد تنظيم سان تعلق رکڻ ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي مارڻ جو الزام آهي.

گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته جوابدارن سڪيورٽي فورسز تي هٿيارن ۽ پيٽرول بمن سان حملن جو اعتراف ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ هڪ هفتي اندر 3 شڪي ماڻهن جا سر قلم ڪيا ويا.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته مغربي شهر جده ۾ فائرنگ ۽ ٻارن سان زيادتي جي ٻن جوابدارن جا سر قلم ڪيا ويا.

وڌيڪ پڙهو: