اهم خبرون

سنڌ

March 10, 2023 4:26 pm

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا،

30 ڄڻا زخمي، حيدر آباد ۾ ٽرڪ موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، ميرپورخاص واسي 2 سڳا ڀائر فوت،

فوتي محمد قيوم ۽ محمد جا لاش اسپتال منتقل، ڀرياسٽي ڀرسان قومي شاھراھه تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل تي چڙهي ويو،

2 پورهيت فوت، لاش منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميا ايمبولينس نه ڏني، وارث ٻنهي ڄڻن جا لاش ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻائي ويا،

ڄامشوري ويجهو انڊس هاءِ وي تي شهزور جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان موتيو خاصخيلي ۽ سندس گهرواري ٿڏي تي فوت،

قمبر ۽ سيوهڻ ۾ روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت، هالاڻي ڀرسان قلندر جي پانڌيئڙن جي بس سان حادثو، 30 پانڌيئڙا زخمي.

وڌيڪ پڙهو: