پاڪستان

February 25, 2023 11:35 am

رحيم يار خان ويجهو موٽر وي تي ٽِن گاڏين  وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  8 مسافر  فوت ٿي ويا

رحيم يار خان ويجهو موٽر وي تي ٽِن گاڏين  وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  8 مسافر  فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

موٽر وي تي ظاهر پير واري علائقي وٽ  ٽائربرسٽ ٿيڻ سبب وين ڪلٽي ٿي پئي، پويان ايندڙ ٽرڪ ۽ بس به وين سان ٽڪرائجي ويون.

حادثي  ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي موٽروي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي  لاش ۽ زخمين کي کڻائي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو.

موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب پيش آيو.

ٿيڻ جي نتيجي ۾  8 مسافر  فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

وڌيڪ پڙهو: