سنگرار جي پريا ڪماري کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کڻي ويو؟
پوليس 10 محرام الحرام تي پراسرار نموني گم ٿيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام،
عدالتي حڪم باوجود باوجود پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام سنڌ پوليس نينگري بابت ڄاڻ ڏيندڙن لاءِ 50 لک رپيا انعام رکي ڇڏيو،
اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪري چيو ويو آهي ته ڪنهن وٽ به پريا ڪماري بابت ڄاڻ هجي ته سکر، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ايس ايس پيز سان رابطو ڪري، کين 50 لک رپيا انعام ڏنو ويندو،
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آءِ جي مشتاق مهر 3 ڀيرا سکر پهچي پريا جي والدين سان ملاقاتون ڪري پوليس آفيسرن کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي چڪو..