سنڌ

October 22, 2021 1:28 pm

6 ورهين جي معصوم ٻارڙي ماهم کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ وارو ڪيس

ڪراچي جي عدالت ڇهه ورهين جي ماهم جي زيادتي بعد قتل ڪيس ۾ جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ماڊل ٽرائل ڪورٽ اوڀر جي عدالت ۾ ڪورنگي ۾ 6 ورهين جي ماهم کي زيادتي بعد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدار ذاڪر عرف انڊولا تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي.

عدالتي حڪم تي جوابدار جي وڪيل کي ڪيس جا نقل فراهم ڪيا ويا، 2 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پوليس موجب واقعو 28 جولاءِ تي زمان ٽائون ۾ پيش آيو، جوابدار جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو ڏوهه جو اعتراف به ڪري چڪو آهي..

وڌيڪ پڙهو: