ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو چيو آهي ته پوليس ڪچي ۾ موجود هوندي ته ڌاڙيل ختم ٿيندا، پوليس واپس وئي ته ڌاڙيل ٻيهر سرگرم ٿي ويندا،
ڳڙهي تيغو جي چوڪي تي 40 کان 50 ڌاڙيلن حملو ڪيو پر پوليس بهادري سان جواب ڏنو، اطلاع آهن ته ڌاڙيلن جو به نقصان ٿيو آهي پر تصديق ٿيڻ تائين ڪجهه نٿو چئي سگهجي،
اسان وٽ نفري جي کوٽ آهي، ايترا جديد هٿيار به ناهن، جيڪي ڌاڙيلن وٽ آهن پوءِ به وڙهي رهيا آهيون،
ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي تنوير تنيو چيو ته اسان ڌاڙيلن کان اڌ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهيون،
ڌاڙيلن پنج پنج سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، ان ڪري پوليس تي حملا پيا ٿين، آپريشن هلي پيو، ايندڙ 5 کان 6 مهينن اندر ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن جو قصو ئي ختم ڪري ڇڏينداسين..