وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته 27 فيبروري تي سنڌ حڪومت خلاف هر صورت ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو،
سنڌ حڪومت ڪارو مڪاني نظام لاڳو ڪيو آهي، انهن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي،
مافيا سنڌ ۾ 14 سالن کان ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سنڌ حڪومت جماعت اسلامي کي دوکو ڏنو آهي،
اهڙا ئي واعدا وڏي وزير ٽرانسفارميشن جي اجلاس ۾ به ڪيا هئا، جيڪي وفا نه ٿيا.
پنهنجي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ علي زيدي چيو ته سنڌ حڪومت ڪارو مڪاني نظام لاڳو ڪيو آهي،مافيا سنڌ ۾ 14 سالن کان ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو،
سنڌ حڪومت جماعت اسلامي کي دوکو ڏنو آهي، اهڙا ئي واعدا وڏي وزير ٽرانسفارميشن جي اجلاس ۾ به ڪيا هئا، جيڪي وفا نه ٿيا.
علي زيدي چيو ته انهن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي ، 27 فيبروري تي سنڌ حڪومت خلاف هر صورت ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو..