سنڌ

March 12, 2023 3:03 pm

مڪلي ۾ بيٺل 25 گاڏيون پراڻيون، استعمال ٿيل ۽ ناڪارا آهن: صحت کاتي جو ترجمان

صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پراڻين ۽ ناڪارا گاڏين جي سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪري پروپگينڊا ڪرڻ سٺو عمل ناهي،

پي ٽي آءِ ايم پي اي استعمال ٿيل ۽ ناڪارا گاڏين جي وڊيو شيئر ڪري غلط تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي،

جاري ڪيل بيان ۾ صحت کاتي جي ترجمان چيو ته عوام کي غلط ۽ اڻپوري معلومات ڏيڻ بدران مڪمل حقيقت سامهون رکڻ گهرجي،

پي ٽي آءِ ايم پي اي بنا اجازت جي هيلٿ آفيس مڪلي ۾ داخل ٿيو ۽ بيٺل گاڏين جي وڊيوز ٺاهي غلط تاثر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي،

حقيقت اها آهي ته مڪلي ۾ بيٺل 25 گاڏيون پراڻيون،

استعمال ٿيل ۽ ناڪارا آهن، سنڌ حڪومت انهن سمورين پراڻين ۽ ناڪارا گاڏين جي ٻيهر مرمت ڪرائي استعمال هيٺ آڻيندي.

وڌيڪ پڙهو: