اڳوڻي صدر آصف زرداري، بي آءِ ايس پي شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت شروع ڪيو، جنهن کي دنيا بهترين سماجي تحفظ وارو پروگرام قرار ڏنو،
ڪوشش آهي ته نظام کي بهتر بڻائي مستحق ماڻهن کي گهرن تائين رقم پهچائي وڃي،
بي آءِ ايس پي بابت تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 23 لک مستحق بي آءِ ايس پي مان فائدو وٺي رهيا آهن،
پروگرام ذريعي 12 لک تعليمي وضيفا پڻ ڏنا پيا وڃن، وفاق ۽ سنڌ حڪومت بي آءِ ايس پي ۾ بهتري لاءِ گڏي ڪم رهيا آهن.