رانديون

November 16, 2021 4:29 pm

2022 T20 ورلڊ ڪپ ڪهڙن شهرن ۾ منعقد ٿيندو؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) انهن شهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪي 2022 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندا.

آءِ سي سي مينز ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 ايندڙ سال 16 آڪٽوبر کان آسٽريليا ۾ کيڏيو ويندو ۽ ايونٽ 13 نومبر تائين جاري رهندو.

آءِ سي سي آسٽريليا جي ستن شهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جتي ورلڊ ڪپ جون ميچون کيڏيون وينديون.

آءِ سي سي موجب ٽي 20 ورلڊ ڪپ جون 45 ميچون ايڊيليڊ، برسبين، جيلانگ، هوبارٽ، ميلبورن، پرٿ ۽ سڊني ۾ کيڏيون وينديون.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل 9 ۽ 10 نومبر تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل ميلبورن اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

آءِ سي سي موجب، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، افغانستان، انگلينڊ، ڀارت، پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ايندڙ ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج تائين پهچندڙ سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ جون ٽيمون آهن.

ان کان علاوه نميبيا، اسڪاٽ لينڊ، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون گروپ ون (ڪاليفائنگ رائونڊ) جون ميچون کيڏنديون.

وڌيڪ پڙهو: