سال 2021 جي شروعاتي 10 مهينن ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ اچي وئي.
شماريات کاتي مطابق کنڊ في ڪلو 20 کان 25 رپيا ٿي وئي ۽ کنڊ جو في ڪلو 84 رپين مان وڌي 104 رپين تائين ٿي ويو.
رپورٽ مطابق اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 224 رپيا ۽ گيهه 101 رپيا في ڪلو مهانگو،ننڍو گوشت 150 رپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو.
رپورٽ مطابق پٽاٽا ۽ بصر 13-13 رپيا في ڪلو ،مڱن جي دال 27 رپيا في ڪلو ۽ چڻن جي دال 7 رپيا في ڪلو گرام مهانگي ٿي وئي ،جڏهن ته ڏهي 7 رپيا في ڪلو گرام مهانگي وئي آهي.
ٻئي طرف يوٽيلٽي اسٽورز تي هڪ ڀيرو ٻيهر عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو،مختلف برانڊ جي 950 گرام چانهه 100 کان 210 رپين تائين مهانگي ٿي وئي.
پڌرائي موجب ڪافي جي 100 جي قيمت ۾ 50 رپين، ٻارن جي 500 گرام فارمولا کير 60 رپيا،ڪپڙن جي پائوڊر جي قيمت ۾ 10 رپين تائين واڌ ٿي وئي.
نوٽيفڪيشن مطابق ڪسٽرڊ جي 300 گرام پيڪٽ جي قيمت ۾ پنجن رپين جي واڌ ٿي وئي،جڏهن ته ماکي جي 250 گرام جي قيمت 95 رپيا وڌائي وئي..