اهم خبرون

پاڪستان

March 16, 2023 7:21 pm

بلوچستان جي علائقي زوب ۾ 2 گاڏين تي فائرنگ، 7 ڄڻا مارجي ويا

بلوچستان جي علائقي زوب ۾ ٻن گاڏين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.

ڊپٽي ڪمشنر زوب رمضان پلال موجب ژوب جي علائقي مرغا کبزئي ۾ ٻن گاڏين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

ڊي سي ژوب موجب فائرنگ کانپوءِ گاڏي کي به باهه لڳي وئي، جڏهن ته ليويز اهلڪارن زخمين کي ويجهي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو.

ليويز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن ٻن گاڏين تي چڙهائي ڪئي ۽ فائرنگ ڪري ڏني، علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب فائرنگ جي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب ژوب مان ليويز جا وڌيڪ جوان روانا ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ پڙهو: