ڪراچي پوليس چيف جي آفيس تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگردن سان گڏ 2 سهولتڪار به موجود هئا،
ٻئي سهولتڪار دهشتگردن کي ڪي پي او آفيس ڏيکارڻ بعد فرار ٿي ويا، ڪي پي او آفيس تي ٿيل حملي جي ايف آءِ آر ۾ انڪشاف،
ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو،
ايف آءِ آر جي متن موجب 3 دهشتگرد فيملي ڪوارٽرز جون تارون ڪَٽَي ڪراچي پوليس آفيس ۾ داخل ٿيا، دهشتگردن هينڊ گرنيڊ به استعمال ڪيا،
هڪ دهشتگرد چوٿين ماڙ تي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو، ٻئي دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو ۽ ٽئين دهشتگرد کي عمارت جي ڇت تي ماريو ويو،
سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل تنظيم حملي جي ذميواري قبول ڪئي، پوليس حملي ۾ ملوث ٻنهي سهولتڪارن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي.