آمريڪا گوانتانامو بي جيل ۾ قيد ٻن ڀائرن کي پاڪستان منتقل ڪري ڇڏيو.
پينٽاگون موجب عبدالرباني ۽ محمد رباني کي 2002ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
آمريڪي بچاءَ واري کاتي موجب عبدالرباني کي القاعده ۽ سندس ڀاءُ محمد رباني کي القائده جي اهم اڳواڻ کي مالي ۽ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پينٽاگون موجب 2 ماڻهن جي منتقلي کانپوءِ گوانتانامو بي جيل ۾ قيد ماڻهن جو انگ 32 ٿي ويو آهي.